Zahid Shaikh|Asan je Sad me Acheen ta Suhana, wanae ta wahwa kando halyo Aa
Автор: Katohar Gul
Загружено: 2022-02-26
Просмотров: 4457
Описание:
#KatoharGul #ZahidShaikh
زاهد شيخ
زاهد شيخ: مشهور شاعر زاهد شيخ جو اصل نالو حاڪم علي ولدگل محمد شيخ آهي، هن پهرين جنوري 1964ع تي ڳوٺ شاهه لڌاڻي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ سکر مان 1982ع ۾ مئٽرڪ ۽ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان 1995ع ۾ ايم. اي(بين الاقوامي تعلقات) ۾ ڪيائين.بي. ايڊ ۽ ايل. ايل. بي به آهي. زاهد شيخ 1975ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي. قومي ۽ عوامي تحريڪن کان متاثر ٿي، سندس شاعريءَ عوامي ۽ قومي رنگ اختيار ڪيو، ضياءُ الحق جي مارشل لا واري دور ۽ خاص ڪري ايم. آر. ڊي دوران هن جا گيت سنڌ جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گونجڻ لڳا. سندس آواز به سٺو آهي پر سندس شاعري، سرمد سنڌيءَ سميت ٻين فنڪارن ڳائي شهرت ماڻي. کيس عمر کان وڌيڪ مقبوليت حاصل ٿي آهي. هن وقت احتشاميه گورنمينٽ اسڪول ڪارساز، ڪراچيءَ ۾ ايڇ. ايس. ٽي طور ڪم ڪري رهيو آهي. سندس شاعريءَ جا 5 مجموعا ڇپجي چڪا آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي:
(1) جيجل تنهنجي جهول ۾ (ٻارن لاءِ شاعري)
(2) سپنا سورج ڪرڻا (شاعري)
(3) گهاون مٿان گل (شاعري)
(4) امن جو مسافر (شاعري)
(5) دلبر، ديس ۽ دل (شاعري)
زاهد شيخ هنوقت ٻٻرلوءِ خيرپور ميرس ۾ رهي ٿو
Повторяем попытку...
Доступные форматы для скачивания:
Скачать видео
-
Информация по загрузке: