Chandoki rat me wehi chand ji Ghulam Shabeer Samo AG Tabassum
Автор: Ashfaq Bhanbhro
Загружено: 2019-07-20
Просмотров: 6525
Описание:
چانڊوڪي رات ۾ ويهي،
چَنڊَ جي ڇانءَ ۾ ڪيئي،
تو واعدا وفا جا ڪيا هُئا،
سانڍي رَکيا اَٿم اُهي،
پيارَ ڀَريا پرين جيڪي،
خَطَ تو مُونکي لِکيا هُئا.
تُنهنجي نه ملڻ تي مان،
رُوئي پيسِ ٻارن جيان،
چُولي جي تو ڪُنڊَ سان،
ڳُوڙها مُنهنجا اُگهيا هُئا.
توکي جَڏهن چِتائي ڏِسان،
ڪَنڌُ جهُڪائي شَرم کان،
آڱُرِ سان کاڏي مَٿي کڻي،
تُنهنجا مان نيڻَ چُميا هُئا.
يادِ اَٿئي ڪيئي دفعا،
مُونکي ڇِرڪَ ڀَرائڻ لئه،
چوريءَ اچي پُٺيان بيهي،
هَٿَ تو اکين تي رَکيا هُئا.
گرمين جي رات ۾،
چوريءَ چُپُ چپاتِ ۾،
ڪوٺي جي ڇت تان مُنهنجي،
اڱڻَ ۾ خَطَ تو اُڇليا هُئا.
ڪُوڙَ ۾ مان ڪَڏهن ڪَڏهن،
ڪاوِڙجي پوندو هُئس جَڏهن،
سُهڻا ۽ نازڪ هَٿڙا کڻي،
تَبَسُمَ کي تو ٻَڌا هُئا.
عبدالغفار تبسم
غلام شبير سمون
مٽيءَ جا سُرَ
Abdul Ghaffar Tabassum
Повторяем попытку...
Доступные форматы для скачивания:
Скачать видео
-
Информация по загрузке: